اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد نواز شريف چيو آهي ته برهان مظفرواني ڪشمير ??ي آزا??ي جي تحريڪ جي هڪ نئين باب جو عنوان آهي، هڪ سال اڳ هن نوجوان جي شهادت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي رت سان جيڪو ڏيئو روشن ڪيو، ان سان اڄ پوري واديءَ ۾ روشني آهي. والاريل ڪشمير ۾ آزا??ي جي جدوجهد جي ناليواري حريت نوجوان برهان مظفرواني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي پيغام ۾ وز??را??ظم چيو ته سندس شهادت ان حقيقت کي آخري درجي ۾ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير جو ٻچو ٻچو آزا??ي جي جذبي سان سرشار آهي ۽ ڀارت جي غاصباڻي قبضي کي قبول ڪرڻ جي لاءِ راضي نه آهي. هٿيارن جي زور تي قومن ??ي آزا??ي جي جذبي کي نٿو ڪچلي سگهجي. ڀارت کي اها حقيقت به سمجهڻ گهرجي ته تاريخ کي انڌو نه ٿو ڪري سگهجي.