اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ماضي ۾ غلطيون ڪري جنگين جو حصو بڻياسين ۽ وڏو نقصان کنيو، پاڪستان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو، اسان امن ڪرائيندڙ ملڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به چيو آهي ت?? اسان آمريڪا ۽ ايران جي دوستي ڪرائڻ لاءِ تيار آهي??ن جنگ ڪو به کٽي نٿو سگهي، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ تعليم ۽ هنر فراهم ڪنداسين جنهن سان هو ملڪ کي سپ?? پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن جي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان سڄي مسلمان دنيا لاءِ مثا?? بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ حصو بڻجي ت??ام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي پاڪستان ڪنهن جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ملڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن جي اندر امن پيدا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنرمند پاڪستان پروگرام جي باقاعده آغاز جي ت??ريب کي خطاب ڪندي ڪيو