لاهور – 29 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪمت عملي تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ عوام ک?? رليف ڏيڻ جا قدم ۽ عوامي ڀلائي جا منصوبا پڻ غور هيٺ آيا. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت جي 2 سا??ن جي ڪارڪردگي ماضي جي 30 سا??ن جي دور کان تمام گهڻي بهتر آهي، حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته ميڊيا جي تعميري تنقيد سان رهنمائي ملي ٿي. ڪرپٽ عنصرن جو بنا ڪنهن فرق جي احتساب پاڪستان ج?? ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، قومي وسي??ن جي غلط استعمال جي اڳوڻي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.