اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشيءَ سان ڊاڪٽر عبدالله عبدالله جي ملاقات ۾ افغان مفاهمتي عمل، بين الافغان ڳالهيون ۽ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بحث هيٺ آيا. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي پاڪستان جي دؤري تي آيل افغا?? اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائون??ل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ۽ ان جي وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي افغا?? اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائون??ل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ۾ پرڏيهي و??ارت ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي. قومي اسيمبليءَ جي قائمه ڪميٽي جو چيئرمين احسان الله توانا پڻ ان موقعي تي موج??د هو.