اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته ڇاتيء?? جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ۾ ڇاتيء?? جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چ??ي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو، ان ??وقعي تي عورت پارليامينٽرين سميت شاگردياڻين، ليڊي هي??ٿ ورڪرز ۽ نرسن جو هڪ وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ان ??اڪ جو مقصد عورتن ۾ ڇاتيء?? جي ڪينسر جي حوالي سان شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ته عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ سخت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ شروعاتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان ??اءِ اسان کي ان بيماري ۾ جلد سڃاڻپ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو.